شاهه گودڙيو 2

شاهه گودڙيو (ڳوٺ)2: سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ کان مشهور آهي. اهڙن ئي تاريخي ڳوٺن ۾ شاهه گودڙيو به اچي وڃي ٿو. هن ڳوٺ ۾ سيد عبدالله شاهه گودڙئي جي درگاهه آهي جنهن جي ڪري ڳوٺ جو نالو به شاهه گودڙيو آهي. هن درگاهه تي پري پري کان هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. هتي ميلو به لڳندو آهي، جيڪو ميهڙ تعلقي ۾ مشهور رهي آهي، جيڪو بدامني سبب 1972ع کان بند آهي. هتي انگريزن جي دور جو ريسٽ هائوس پڻ آهي، جنهن ۾ هر سهولت موجود آهي. ريسٽ هائوس، ميهڙ ضلعي ڪائونسل دادوءَ جي نگرانيءَ ۾ آهي. ڳوٺ جي اوڀر ۾ مشهور شهر فريدآباد آهي، جيڪو 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اولهه ۾ پير گل شاهه ۽ ڳوٺ موجهڙ آهن، شاهه گودڙيو کان اولهه طرف بلوچستان جي سرحد صرف 24 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، اتر ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي سرحد آهي، جيڪا هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي. ڏکڻ ۾ مشهور درگاهه ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي آهي، ڳوٺ جي آدم شماري 2000 جي لڳ ڀڳ آهي. هتي ڪچا پڪا 200 گهر آهن، ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول آهي، جيڪو 1988ع ڌاري قائم ٿيو. ڳوٺ ۾ ضلعي ڪائونسل دادو طرفان هڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم 1981ع کان شروع ٿيل هئي، جيڪا بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو